برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو - ڪتاب

برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو - ڪتاب

برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو

برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (ڪتاب ):مشهور لسانياتي ماهر، سَر جي. گريئرسن جي عالمي شهرت يافته ڪتاب “Linguistic Survey of India” جي جلد اٺين جي پهرين ڀاڱي جو سنڌي ترجمو، ”برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو“ جي عنوان سان، نامور ليکڪا، ڊاڪٽر فهميده حسين ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب، رايل سائيز جي 700 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سال 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي. سر گريئرسن جي هن ڪتاب ۾ برصغير جي ٻولين جي هند- آريائي خاندان، اتر اولهه واري گروهه بابت مواد موجود آهي. هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد، ارتقا توڙي بنيادي سٽاءَ ۽ ساخت يا گرامر بابت هڪ بنيادي ۽ اهم ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي داردي ٻولين ۽ لهندا سان ناتي قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ گريئرسن جو منفرد ۽ جداگانه رايو آهي، جنهن مان ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سميت ڪيترن ئي عالمن، پنهنجن ڪتابن ۾ استفادو ڪيو آهي. هن ڪتاب تي، مشهور لسانياتي ماهر پروفيسر، ڊاڪٽر غلام علي الانا، 28 صفحن جو عالماڻو مهاڳ لکيو آهي. جنهن جي پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي حيثيت آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو